اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??اڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته ??اڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ ??کي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪي?? ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪي?? ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ??اڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته ??اڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪي?? ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??اڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪي?? ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪ??ڪي?? ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.