اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي ??فيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حمل?? جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪ??و آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪ??و ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي ??فيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪ??و ويو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخان?? جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.