اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص ??ورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪ?? عورتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص ??ورتحال ۽ مس??د جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيند?? عورتون پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته منهنجي را??ِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مس??د جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلر?? عورتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مس??د جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.