اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ??يڪ??ي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني بنائڻ ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪ??ين??گ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطي سميت پوري دنيا ۽ پاڪستان ۾ هن وقت ڪوويڊ 19 جي صورتحال، ڪورونا وائرس جي نئين قسم، ان جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ??يڪ??ي نيشن جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ??يڪ??ي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪ??ين??گ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اسڪ??ين??گ جي نظام جي ٿرڊ پارٽي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 15 هفتن ۾ ڪوويڊ 19 سان هڪ به فوتگي نه ٿيڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. مون سميت پوري قوم ??يڪ??ين عطيو ڪندڙ م??ڪن جي ٿورائتي آهي. ڪوويڊ 19 انفيڪشن جي گهٽ شرح خوش آئنده آهي پر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻندڙ سمورن عهديدارن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم سان پاڪستان کي ظاهري طور ڪو خطرو نه آهي ڇو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ۽ 95 سيڪڙو آبادي جزوي طور تي ??يڪ??ينيٽيڊ آهي. 5 کان 12 سالن جي ٽن ڪروڙ 50 لک ٻارن ۾ ??يڪ??ي نيشن جي شرح 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان کي ايندڙ م??ينن ۾ 100 سيڪڙو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ انفيڪشن جي سراسري شرح 0.2 کان 05. سيڪڙو آهي ۽ گذريل 15 هفتن کان ڪوويڊ 19 سا?? ڪا فوتگي ناهي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سرحدي رستن تي موثر انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ هوائي اڏن تي رينڊم سيمپلنگ جي شرح وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ملڪن کان ايندڙ هوائي جهازن جي فيوميگيشن سان گڏوگڏ مسافرن جي اسڪ??ين??گ به وڌيڪ موثر بڻائي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن ۽ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن ۾ جينوم سرويلنس يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي ڪري تمام جلد وائرس جي نئين قسم جي نشاندهي ممڪن ٿئي ٿي. وزيراعظم نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت، اين سي او سي عملدارن ۽ سول ايوي ايشن عملدارن کي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي قدمن کي پڻ ساراهيو.