اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرندڙ ملڪن جي تنظيم جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي ڪيوبا جي حوالي ڪري ڇڏي. 134 رڪني گرو?? جي چيئرمين ش?? جي منتقلي جي ٽرسٽي شپ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڊيو خطاب ڪيو. هن چيو ته هو گرو?? جي چيئرمين شپ ڪيوبا جي هم منصب ۽ پنهنجي دوست برونوروڊ ريگوئيز پارلا کي منتقل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي گڏيل عزم ۽ اتحاد تي ٻڌل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پرڏيهي وزير جي خطاب کانپوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گروپ جو ”گريول“ ڪيوبا جي پرڏيهي وزير جي حوالي ڪيو. گرو?? جي نئين چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ 2022ع دوران گرو?? جي شاندار قيادت تي پاڪستان جي ڪوشش?? کي ساراهيو. پاڪستان ان گرو?? جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ هن گرو?? جي چيئرمين شپ 14 جنوري 2022ع تي سنڀالي هئي. پاڪستان جي چيئرمين ش?? جي مدي دوران گروپ ترقي کي گڏيل قومن جي ايجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏياري ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا، ماحولياتي تبديلين جي وڌندڙ منفي اثرن، اقتصادي عدم توازن، قرضن جي بحران، مهانگائي، غذائي عدم تحفظ ۽ تڪرارن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ان کان اڳ 3 ڀيرا گرو?? جي قيادت ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ گروپ مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم معاهدن ۽ منظم ردعمل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ فورم ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جو معاهدو، اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي طريقن تي بحث، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وڏي اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي معاملن تي اتفاق راءِ، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ۽ گذريل مهيني گرو?? جي وزارت?? ڪانفرنس ۾ غذائي، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي اثر?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ ڍانچاجاتي قدمن تي هڪ موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ ??اص طور تي قابل ذڪر آهن جن سان پائيدار ترقياتي هدف 2030ع ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پيرس معاهدي تي اڳڀرائي ۾ مدد ملي آهي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن سان اسان ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل فيصلا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته انهن مقصد?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گرو?? جي ميمبر?? کي گڏيل اتحاد، تعامل ۽ گڏيل ڪوشش?? کي جاري رکڻو پوندو ته جيئن پائيدار ترقياتي ه??فن تي هلندڙ سال ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۽ ڪوپ 28 ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ گرو?? جي مالي مشڪلاتن جو شڪار 60 ميمبر ملڪن جي قرضن ۾ ريليف ۽ ري اسٽرڪچرنگ، هڪ سئو کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪ?? کي گهربل مالياتي رعايتن ۽ ليڪويڊٽي جي فراهمي جي لاءِ غيراستعمال ٿيل ايس ڊي آرز جي ري چينلنگ، بک جو شڪار 25 ڪروڙ ماڻه?? کي خوراڪ جي فراهمي، ماحولياتي تبديلين جي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۽ قدرتي آفتن سان تباهي کانپوءِ انهن جي نئين سر تعمير ۾ معاونت ??اص طور تي قابل ذڪر آهن.