ڪولمبو – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جمعي ڏينهن سريلنڪا جي ٻ?? ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گادي واري شهر ڪولمبو په??ي. ??ريلنڪا جي سياحت واري وزير ڊيانا گيميج، پاڪستان جي سريلنڪا ۾ هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) عمر فاروق برقي ۽ هاءِ ڪميشن جي ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي ٻ?? ڏينهن جي دوري دوران سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم ??نصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاق??ت ڪندي.