اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلس??ين?? علائقي ۾ 9 بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اه?? قدم فلس??ين?? عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پون??يو?? جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلس??ين?? عوام ۽ فلس??ين?? ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلس??ين?? رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.