اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو سخت ن??ٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعا??ن فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ ??وري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آه??، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آه??. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.