اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سوڊان ۾ ڦاٿل وڌيڪ 93 پاڪستاني پي ڪي 754 جي ذريعي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي ويا، ان کان ا?? اتان 636 پاڪستانين کي ايئرفورس جي 5 خصوصي ڏامن ذريعي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آندو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??نهنجي جاري بيان ۾ چيو ته الحمدالله سوڊان ??ان سمورن پاڪستانين (اٽڪل هڪ هزار) جي انخلا ج?? عمل ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران ??ڪمل ڪيو ويندو.