اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ سڌارن کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪري مرحليوار م??با??ل ذريعن سان بجلي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃ??، بجلي جي لائيف لائين ۽ گهٽ کپت وارن صارفين تي بلن جو گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃ??. هن اها هدايت توانائي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناليوارن صنعتڪارن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي توانائي شعبي جي سڌارن ۽ بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ان حوالي سان شامل ڪيل منصوبن تي ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ گير جاري سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي بڊنگ جا چار مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃ??. اجلاس کي برآمدي صنعتن کي بنا رڪاوٽ گئس ۽ بجلي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدمن بابت پڻ ??فص??لي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن قدمن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ موثر قدم شامل ڪيا وڃ??، ايندڙ بجيٽ ۾ ونڊ ۽ شمسي توانائي جا منصوبا شامل ڪيا وڃ??، پاور ٽرانسميشن جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃ??، لائين لاسز ۽ بجلي جي چوري جي خاتمي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ٽرانسفارمر ميٽرنگ منصوبي کي شامل ڪيو وڃ??، سڄي ملڪ ۾ جاري سولرائيزيسن جي منصوبن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃ??، برآمدي صنعتن جي ترجيحي بنيادن تي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃ??، بجيٽ ۾ پن بجلي جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃ??.