اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شر?? 1.55 سيڪڙو ر??ي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شر?? 1.55 سيڪڙو ر??ي جيڪا گذريل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شر?? مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو ر??ي، جيڪا گذريل مالي سال دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شر?? 3.20 سيڪڙو ر??ي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شر?? 0.23 سيڪڙو ر??ي جيڪا گذريل مالي سال دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي سال دوران ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي سال دوران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻي??ي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.