اسلام آباد ??? 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻ??ل پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪري??ن ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ڀرپ??ر صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏي??ن ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اسپيشل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، ر??زگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.