مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مناسڪ ح?? جي ادائيگي دوران جمرات ۾ وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ ۽ قرباني ڪرڻ کانپوءِ حاجي سڳورا احرام جي حالت کان ٻاهر اچ?? ويا. بيت الله شريف جو طواف زيارت، ايندڙ ٽي ڏينهن منيٰ ۾ قيام ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ کانپوءِ مناسڪ ح?? جو عمل مڪمل ٿ?? ويندو. عرفات جي ميدان جي مسجد نمره کان حج جو خطبو ٻڌڻ ۽ رڪن اعظم وقوف عرفه کانپوءِ هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين سميت سڄي ??نيا مان لکين حج پانڌيئڙا مزدلفه پهچي رات کلي?? آسمان هيٺ گذاري. مزدلفه ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ ۽ سج لٿي مهل واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ پهتا جتي پهرين ڏينهن هنن وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ ۽ قرباني کانپوءِ وار ڪٽرايا ۽ احرام جي حالت کان ٻاهر اچ?? ويا. حاجي سڳورا وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين منيٰ ۾ رهندا. بيت الله جي طواف جي زيارت ۽ ٽنهي شيطانن کي پٿريون هڻڻ کانپوءِ مناسڪ ح?? مڪمل ٿ?? ويندو، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جي موقعي تي ر??ح پرور مناظر ڏٺا ويا. ان موقعي تي مسلمان امت جي سربلندي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصعي دعائون گهريون ويون.