اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز سريف چي?? آهي ته اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ سي پيڪ منصوبا گڏجي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا، چي??ي ڪمپينن جي پاڪستان ۾ ڪرڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، چي??ي ڪمپنين سي پيڪ ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ??ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چي??ي ڪمپنين ۽ بئنڪن کي ايوارڊز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان ج?? صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. اسان بيلٽ اي??ڊ روڊ انيشي ايتو تحت سي پيڪ منصوبن جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهايون آهن. اهو منصوبو چي??ي صدر شي جن پنگ جي ذهانت ۽ ويزن جو عڪاس آهي. انهن منصوبن جي ڪري چي??ي ڪمپنين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪئي آهي. صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چي??ي حڪومت ۽ ڪمپنين پاڪستان ۾ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چي?? ته هاڻي سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گرين ڪوريڊور، انوويشن، آءِ ٽي ڪوريڊور، خصوصي اقتصادي زونز جهڙا وڏا منصوبا شامل آهن. اهي سي پيڪ تحت چي??ي ۽ پاڪستاني حڪومت جا ڪاروباري منصوبا آهن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) حڪومت جو اهم قدم آهي. اهو گهڻ رخو فورم آهي جنهن ۾ وفاق، صوبائي اڪائين ۽ پاڪ فوج جي نمائندگي شامل آهي. آرمي چي?? جنرل عاصم منير ان معاملي ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. هو پاڪستان جي ڪاز کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙا نوجوان جن وٽ تعليم ۽ ٽيلنٽ ته آهي پر انهن وٽ نوڪريون نه آهن انهن کي ان سان روزگار جا موقعا ملندا ۽ اهي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. ان سان ملڪ ج?? صنعتن ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ايس آئي ايف سي ملڪ جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبي جي فروغ جي لاءِ اهم روڊ ميپ آهي. چي??ي ناظم الامور نه رڳو سي پيڪ منصوبن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن پاڪستان مشڪل وقت مان گذري رهيو هو ۽ اسان کي آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ مشڪل چئلينج درپيش هو. صدر شي جن پنگ، چي??ي حڪومت ۽ چي??ي ناظم الامور اسان جي ذاتي طور تي مدد ڪئي. هن چي?? ته چي??ي ڪمپنين پاڪستان ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. چي??ي ڪمپينن کي يقين ڏياريان ٿو ته مشڪل وقت ختم ٿي ويو آهي. اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اسان پنهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. ون ونڊو آپريشن جي ذريعي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چي?? ته چي??ي ڪمپنين ۽ بئنڪن ٻنهي ملڪن جو گڏيل خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو. سي پيڪ انفراسٽرڪچر جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چي?? جي ناظم الامور پينگ چنڪسو تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهائي رهيا آهن. سي پيڪ منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? دوستي جي منفرد رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي اعتماد تي قائم آهن. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد وارو خط موڪليو آهي. هن چي?? ته 2013ع ۾ شروع ڪيل سي پيڪ منصوبي کي ٻنهي ملڪن پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو. سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حصيداري ??ي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ گڏيل حصيداري ??ي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چي??ي ڪمپنين ۽ بئنڪن جي نمائندن ۾ ايوارڊ ورهايا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، چي??ي ناظم الامور کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.