اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا و??ير??عظم کي گذريل 15 مهينن دوران ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا هزاره ايڪسپريس جي نوابشاهه ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. و??ير??عظم ڪابينا جي سمورن ميمبرن جو گذريل 15 مهينن ۾ ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڏينهن رات محنت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ڪابينا سيڪريٽري ڪابينا کي 20 اپريل 2022ع کان 8 آگسٽ 2023ع تائين جي ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل 15 مهينن ۾ ڪابينا جا 53 اجلاس ٿيا، وفاقي ڪابينا مجموعي طور تي 1295 فيصلا ڪيا، 99 سيڪڙو ف??صل?? تي عملدرآمد ڪيو ويو. بيان مو??ب وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي قومي ٽيرف ڪميشن جي ٽيڪنيڪي ۽ غيرٽيڪنيڪي ميمبرن جي مقرري، عبدالرشيد شيخ، نعيم انور، محمد اقبال تابش، احمد شيراز کي غيرٽيڪنيڪي ۽ عمران ضياءَ جي ٽيڪنيڪي ميمبر طور مقرري جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي ئي سفارش تي سلمان ايس مهدي جي اسٽيٽ لائيف انشورس ڪارپوريشن ۾ بطور چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سليم الله جي بطور نائب گورنر اسٽيٽ بئنڪ مقرري جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پيش ڪيل قومي مو??يقي پاليسي جي مسودي جي منظوري ڏني. پاليسي تحت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي موسيقي جي ورثي جي تحفظ، مو??وده دور جي موسيقي جي ترقي ۽ مو??يقارن جي موسيقي چوري ٿيڻ جي خاتمي لاءِ قانوني ڍانچي جي اطلاق ۽ جديد ٽيڪنيڪي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر/ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي سمري تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ اهو ف??صل?? ڪيو ته ان مقرري جي لاءِ ٻيهر اشتهار ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي قومي هوابازي پاليسي 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي جي لاءِ قدمن ۽ پاڪستان جي هوائي اڏن تي مقامي ۽ عالمي مسافرن جي لاءِ مو??وده سهولتن ۾ بهتري آندي ويندي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي مختلف ڪميٽين ۾ ميمبرن جي شموليت جي منظوري ڏني. انهن ترميمن تحت قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي، اطلاعات نشريات واري وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ عملدرآمد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان جي سيڪريٽري ايپڪس ڪميٽي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي طور تي مقرري جي منظوري ڏني. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا خصوصي سيڙپڪاري سهولت جي سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ جميل احمد قريشي جي بطور سيڪريٽري/ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ريلوي ڊويزن جي سفارش تي ارشد سليم خٽڪ جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريلوي اسٽيٽ ڊيولپمينٽ اينڊ مارڪيٽنگ ڪمپني جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. بيان مو??ب وفاقي ڪابينا و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي گذريل 15 مهينن ۾ و??ير??عظم کي ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي منظوري ڏني. و??ير??عظم اها به هدايت ڪئي ته انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم کي پاڪستان ۾ مو??ود يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪئي ويندي. ڪابينا اهو به ف??صل?? ڪيو ته نيلامي جي عمل ۾ عوام الناس حصو وٺي سگهندي. وفاقي ڪابينا 14 آگسٽ تي پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ مو??ود قيدين جي سزا ۾ رعايت کي ٻيڻو ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ۽ ان ڳالهه جي هدايت ڪئي ته ان رعايت جو قانون مو??ب سمورين قيدين تي اطلاق هوندو. ڪابينا گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته جيلن ۾ قيدين جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي سولر پاليسي ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن ۽ حڪومت جي ملڪ گير 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ڪابينا کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران حڪومتي ڪارڪردگي ۽ و??ير??عظم جي 488 ڏينهن تي ٻڌل وزارت عظميٰ تي ٻه ڪتاب پيش ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل ف??صل?? جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 جولاءِ، 7 آگسٽ ۽ 8 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ڪيل ف??صل?? جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل ف??صل?? جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل ف??صل?? جي پڻ توثيق ڪئي.