اسلام آباد-26 سيپٽمبر (ا?? پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانون?? مس??لن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي ??هي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مس??لن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئ?? مس??لن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مس??لن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.