اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر بابت سالياني ??گاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني ??ورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪر?? جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر ع??اج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صدر بريسٽ ڪينسر بابت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو ??هي?? ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ??هي?? جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني ??ورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.