اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??ي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ ع??لد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??ي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪا??ٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??ومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته ج??ئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته ??لڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آه??، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ??وابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته ج??ئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگران وزيراعظم چيو ته ??جڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.