اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) نگران پر??يه?? وزير جليل عباس جيل??ني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چ??ئر??ين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پاڪست??ني وفد جي قيادت ڪندو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پر??يه?? وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پر??يه?? وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.