اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي صلاحيت مان فائدو کڻي پنهنجي اقتصادي صورتحال بدلائي سگهي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان ملڪ جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کليون آهن، ملڪ ۾ روزگار جا وسيع مو??عا پيدا ٿيا، بي آر آئي منصوبي سان نه رڳو چين، پا??ستان پر پورو خطو ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي جي ٽي اين ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته پا??ستان بي آر آئي قدمن سان ان سفر ۾ هڪ اهم حصيدار هوندو، پا??ستان کي بي آر آئي سان تمام گهڻو فائدو ملي سگهي ٿو، هي هڪ مو??عو اسان جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهيو آهي، چيني صدر ان مو??عي کي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته اسان ان منصوبي مان مڪمل فائدو کڻنداسين. چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي ??ي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ گوادر پورٽ، سي پيڪ روٽ ۽ فضائ?? رابطن کانسواءِ توانائي جا منصوبا شامل آهن، سي پيڪ جي شروعات کان اڳ پا??ستان کي توانائي جي کوٽ درپيش هئي جڏهن ته ميگا منصوبن تحت اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن سان عام ماڻهن خاص طور تي بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙن ۾ ان جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، اميد آهي ته ٻئي مرحلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز، صنعتي شعبي جي تبديلي ۽ اسٽريٽجڪ جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان سان پا??ستان ۾ نوڪرين جا مو??عا پيدا ٿيندا ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم چيو ته بي آر آئي عالم?? رابطي، سامونڊي ۽ زمين?? رابطن کي ان حد تائين وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندو جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چين جي علائقي سنڪيانگ جي پنهنجي تازي دوري ??ي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پا??ستان جي اترئين علائقن گلگت بلتستان سان ڳنڍيل علائقو هجڻ جي ڪري سنڪيانگ پا??ستان جي لاءِ اهم آهي، اسان ان رابطي جي ذريعي نه رڳو هن خطي پر پا??ستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ سياحت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته چين سلامتي، سياست ۽ معيشت جي شعبن ۾ پا??ستان جو فطري ۽ اعتماد جوڳو اتحادي آهي. هن ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا، عوامي سطح ت?? رابطن، سياحت ۽ ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوسز جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ميزبان نگران وزيراعظم کي ياد ڏياريو ته انهن جي چيني ميڊيا گروپ تازو ئي پا??ستان جي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تي نگران وزيراعظم چيو ته اهو هڪ اهم معاهدو آهي ڇو ته مختلف ميڊيا ذريعن ۽ ثقافتي ادارن جي لاءِ ڊيجيٽل، اليڪٽرانڪ اسپيس ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ اسٽريٽجڪ مو??ف جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم چيو ته شي جن پنگ هڪ دانشمند انسان آهي، سندس قيادت ۾ اسان کي ترقي جون وڌيڪ منزلون حاصل ڪرڻ گهرجن، اسان سندس تجربي مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون.