اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ??مون ۽ ڪشمير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ??انفرنس منعقد ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آزاد ??مون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار يعقوب ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪانفرنس ۾ آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي امير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قادري، پاڪستان انساني حقن واري ??ائ??نسل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، ناصر قادري، راجا نجابت حسين، سيد يوسف نسيم، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان تجديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمخت??ار?? جو حق حاصل ڪرڻ ??ائ??ن شهيدن جو مشن جاري رکندا.