اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هاڻي عام چونڊن جي حوالي سان ڪ??هن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، چونڊ عمل کي صاف، شفاف يقيني بڻائڻ نگران حڪومت جي ذميواري آهي، ??سا?? پنهنجي ذميواري پوري ايمانداري سان نڀائي رهيا آهي??ن، ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ آهي ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار طرف جهڪاءُ پيدا ڪرڻ نه آهي. هو نيشنل پريس ڪلب، يونيسڪو ۽ آئي آر اي ڊي اي جي سهڪار سان صحافين جي خلاف تشدد، چونڊن جي شفاف??ت، عوامي قيادت جي ڪردار جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافي جمهور??ت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهن، چونڊ عمل جي ڊوڙ ۾ ڪا به جانبداري نه آهي، اهڙي طرح نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ان ڊوڙ ۾ ڪنهن پارٽي يا اميدوار جي طرفداري يا مخالفت نه ڪري. هن چيو ته صحافين جي لاءِ به ضروري آهي ته اهي چونڊ عمل جي ايمانداري سان رپورٽنگ ڪن، اهو نظر نه اچي ته انهن جو جهڪاءُ هڪ پارٽي يا اميدوار طرف آهي. هن چيو ته صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ آهي، اهو افسوسناڪ آهي ته توهان خبر بڻجي وڃ??ن، جان محمد مهر جي واقعي تي پڻ منهنجي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهڙا واقعا رياست يا حڪومت جي لاءِ فخر جي ڳالهه ناهي هوندي. هن چيو ته صحافي جو جيڪڏهن قتل ٿئي ٿو ته ان جي ذميوارن کي جهلڻ رياست جي ذميواري آهي، افسوس سان چوان ٿو ته جان محمد مهر ??سا?? شرمنده آهي??ن، تنهنجا قاتل زندهه آهن، پوري ڪوشش ڪندس ته جان محمد مهر جا قاتل جهليا وڃن. هن چيو ته ??سا?? پاڻ به ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته ??سا?? خبر نه بڻج??ن، معلومات هڪ طاقت آهي اها هڪ طرف کي فائدو ته ٻئي طرف کي نقصان ڏئي رهي هوندي آهي، جن جو نقصان ٿئي ٿو انهن جو نزلو صحافين تي ڪري ٿو. هن اهڙي طرح جي واقعن تي ارلي الرٽ سسٽم ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اهو سسٽم وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. هن چيو ته هاڻي ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، ??سا?? پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته چونڊون اليڪشن ڪ??يشن جي ذميواري آهي، آئين ۽ قانون تحت ذميواري اليڪشن ڪ??يشن پوري ڪري رهي آهي، تڪبندين جو مرحلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ??سا?? سڀني جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن بابت حقيقتون ماڻهن تائين پهچايون ۽ ماڻهن جي مسئلن کي به اجاگر ڪريون. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ سان چينلز ٺاهين ٿا، مارڪيٽ مان ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ٻيڻي پگهار ۽ مراعتن تي کڻي وٺن ٿا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا، اهڙو سلوڪ مناسب نه آهي، آئين ۽ قانون ان جي اجازت نه ٿو ڏي، پيمرا ترميمي ايڪٽ ۾ ان جو باقاعده مڪينزم موجود آهي. صحافتي تنظيم??ن، متاثر صحافي، اينڪر پاڻ لکت طور تي آگاهه ڪن ته جيئن قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اليڪشن ڪ??يشن ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي اليڪشن ڪ??ريج جي حوالي سان اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ تربيتي سيشن منعقد ڪري، غلط رپورٽنگ پوري عمل کي تڪراري بڻائي ڇڏي ٿي. رپورٽنگ ذميواري سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا اليڪشن جي تاريخ کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته 5 ٽي وي چينلز کي نئين مالڪن خريد ڪري ورتو آهي، هاڻي اهي صحافين، اينڪرز ۽ معاون اسٽاف جي ڇانٽي ڪرڻ لڳي ويا آهن. نيشنل پريس ڪلب جو صدر انور رضا ۽ ٻيا پڻ سيمينار ۾ موجود هئا.