اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد حسين بخش خال گُلو جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي ??عزيتي بيان ۾ استاد حسين بخش گُلو جي لاڏاڻ?? تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته استاد حسين بخش گُلو جي لاڏاڻي جي ??بر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته س??ي دنيا ۾ پنهنج?? فن جو مظاهرو ڪندڙ استاد حسين بخش گُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. استاد حسين بخش گُلو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي ??واز جو جادو جاڳائيندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. مرتضيٰ سولنگي دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.