ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مس??دون ملڪ جي ??ما??ي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه ويندڙ ٻارن ??ي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، مس??دن کي مسلمان معا??ري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم ??ما??ي مس??لن کان آگاهي جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي فروغ ۽ صحت جي مس??لن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مس??دن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وز??ر ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن ??ي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مس??دون انهن ٻارن ??ي تعليم طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪري مس??دن ??ي تعليم جي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مس??دون معا??ري جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿيون. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وز??ر اجلاس کي ٻڌايو ته مس??دن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مس??دن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پيش امامن جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.