اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آ??ي ته غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظ??هرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وظيفن جي لاءِ 35 کان 40 هزار درخواستون ملنديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان درخواستن کي اڪلائڻ جو وقت گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته غيرمعمولي ڪارڪردگي تي وظيفا ڏنا ??ڃن ٿ?? جن جا ساليانو 35 کان 40 هزار ڪيسز شاگردن جي وظيفن جي لاءِ اچن ٿ?? جن جي ڇنڊڇاڻ تي وقت لڳي ٿو. هن چيو ته مارچ کان سيپٽمبر تائين نتيجن جو اعلان ٿيندو رهيو آ??ي ان لاءِ اهو انگ وڌي وڃي ٿو. عام طور تي 45 ڏينهن ?? ڪيسز مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ٿي.