اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيره اس??اعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خود??ش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ ا??تح??ام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل ??هي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا.