اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تر??يه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ تر??يه جي گڏيل مفاد ۾ ٻ??رفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان تر??يه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، تر??يه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي. صدر پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ تر??يه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تر??يه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، تر?? صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، تر?? صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – تر?? لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم ج?? اظهار آهي. تر?? هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪستان سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر تر?? هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.