اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏ??هي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏ??هي آفيس جي ??رج??ان چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ??رج??ان چيو ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪ??مي??ين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪ??مي?? هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ??رج??ان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چيو ته اجلاس ڪ??مي??ين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.