اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ م??صو??ابندي واري وف??قي وزير احسن اقبال، واپار واري وف??قي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وف??قي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وف??قي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وف??قي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، و??ير??عظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وف??قي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. و??ير??عظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان اهم م??صو??و هوندو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين م??صو??ن جي حوالي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.