اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي بينڪ مهانگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو ??ي کڻي آئي. اقتصادي سر??ي مطابق حڪومت طرفان مربوط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دوران مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو ??ي اچي وئ?? جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين 38 سيڪڙو ??ائين پهچي وئ?? هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اض??في ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪومت مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو ??هي. عالمي سطح تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي متوقع آهي. 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو ??هي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو ??ي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۽ روزمره استعمال جي ش??ن جي قيمتن ۾ اض??فو ٿيو.