آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلا?? ۽ ايس سي او پلس جي سر??را??ي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آستانه جي نور سلطان نذر بائيوف عالمي هوائي اڏي تي قازخستان جي وزيراعظم اولهاز بيڪٽونوف، قازخستان جي نائب وزيراعظم علي بيڪ بيڪايوف، آستانه شهر جي ميئر زهينس قاسم بيڪ، قازخستان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير نعمان بشير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم 3 ۽ 4 جولاءِ 2024ع تي آستانه، قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلاس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس جي سر??را??ي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سر??را??ي اجلاسن جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.