اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ع??ان ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سلطنت ع??ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ جاچ ۾ مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو. اي??س تي پن??نجي بيان ۾ هن ع??ان ۾ امام بارگاهه علي ابن طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي جنهن ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته منهنجون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن، مون پاڪستاني سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زخمين جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ۽ اس??تال جو پاڻمرادو دورو ڪري زخمين جي سارسنڀال ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سلطنت ع??ان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ جاچ ۾ پن??نجي مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو.