راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري ??وج?? اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس ??لي?? مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ ??زا?? ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد ??حم?? شهيد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم ??زا?? ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، ??زا?? ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، ??زا?? ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل ??وج?? اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.