اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي سينيئر صحافي ملڪ حسن زيب جي قتل جي م??مت ڪئي آهي جيڪو گذريل ڏينهن اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو هو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صحافي ملڪ حسن زيب جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان ??لي همدردي جو اظهار ڪيو. اسپيڪر مرحوم جي م??فرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي ۽ ا??و ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ پڻ صبر جي دعا ڪئي.