اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيه?? آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، ??ول سوسائٽي جي نمائندن، ??سٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دورا?? ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ??الهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، و??پار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.