اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه تي ته??ان ۾ قاتلاڻ?? حملي جي شديد مذمت ڪند?? حملي جي نتيجي ۾ اسماعيل هانيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل هانيه ت?? حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسماعيل هانيه ۽ سندس خ??ند??ن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل هانيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خ??ند??ن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.