اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي شعبي جي حوالي سا?? سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 25 ارب ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپ??ر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي منصوبن، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۽ ڊيجيٽائيزيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي هيستائين اڳڀرائي اطمينان جوڳي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪورين ماهرن سا?? مشاورت کانپوءِ ان جي تعميراتي ۾ مدي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير سا?? ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، 25 ارب ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپ??ر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته شهرين کي حڪومتي خدمتن جي لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن جي استعمال جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي حوالي سا?? سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي ڪم تيزي سا?? ??ار?? آهي، ڪورين ڪمپني آءِ ٽي پارڪ جي تڪميل جي مدي کي جون 2025ع کان گهٽ ڪري فيبروري 2025ع ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ تي 24 ڪلاڪ ڪم ??ار?? آهي، سي ڊي اي جون ٽيمون ڪم جي نگراني جي لاءِ باقاعدگي سا?? سائيٽ جو دورو ڪري رهيون آهن. اجلاس کي ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جي حوالي سا?? پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مان ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جو پائليٽ پراجيڪٽ ??ار?? ڪيو پيو وڃي، شهرين کي اسلام آباد سٽي سپر ايپلي ڪيشن جي ذريعي 150 سروسز جي آسان پهچ هوندي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته موبائيل ايپلي ڪيشن جي ذريعي حڪومتي ۽ انتظامي خدمتن بشمول ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد پوليس، صحت ۽ تعليم جون سروسز ميسر هونديون. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي گذريل 5 مهينن جي ڪارڪردگي جي حوالي سا?? پڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل 5 مهينن ۾ ٽي لک شاگرد آءِ ٽي اسڪلز جي پروگرامز ۾ تربيت جي لاءِ رجسٽرڊ ٿيا، 4 نوان انڪيوبيشن سينٽر ??ار?? ڪيا ويا. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري موبائيل فونز جي تياري ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ موبائيل استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ 8 لک جو اضافو ٿيو. وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تي پهچائڻ جي لاءِ آءِ ٽي شعبي سا?? لاڳاپيل سمورا ادارا گڏجي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سا?? آءِ ٽي روانگي واپار ۾ مرحليوار اضافي تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي ۾ 77 ملين ڊالر جي حڪومتي سيڙپڪاري سا?? آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 2.5 ارب ڊالر جي اضافي جي اُميد آهي، ملڪي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن سا?? 10 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام شعبي سا?? 2 ارب جڏهن ته حڪومتي قدمن سا?? آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 13 ارب ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جي اُميد آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي سمورين خدمتن بشمول مالياتي، صحت، زراعت، تعليم، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون خدمتون موبائيل ايپلي ڪيشن جي ذريعي شهرين تائين پهچ جي لاءِ منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ??حد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.