اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ??لهايو ويو، 6 سيپٽمبر 1965 اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فوج نه رڳو ڀارت کي شڪست ڏني پر پاڪ ڌرتي ت?? قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ??ي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مقرر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ڏينهن 1965ع ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چال?? کي ناڪام بڻايو هو، بزدل دشمن?? کي پاڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي سبق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهادري جي لازوال داستان ??کندڙ?? کي قوم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.