اسلام آب??د-10 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ٽوڙيل اداري پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري ترقي??تي منصوب?? کي صوب?? کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري سيڪريٽري ۽ مختلف صوبن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پي ايس ڊي پي منصوب?? کي جلد کان جلد صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو ويندو ته جيئن انهن منصوبن تي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري رهي سگهي. احسن اقبال چيو ته صرف منصوب?? کي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن منصوب?? کي پي ايس ڊي پي تحت ڏني ويندڙ فنڊنگ جاري رهندي. هن سمورن صوب?? کي هدايت ڪئي ته هو منتقل ڪيل جاري منصوبن جي وزارتن جي نالي سان هفتي اندر آگاهه ڪن. وفاق ۾ جاري پي ڊبليو ڊي جي منصوب?? کي به سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل وزارت?? کي منتقل ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري منصوبا ختم نه پيا ڪيا وڃن پر انه?? کي صرف مختلف ادارن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان ان حوالي سان سڀ کان پهرين پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو آهي ۽ باقي صوب?? کي به هفتي اندر مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻي آهي. هن چيو ته ان ڪميٽيءَ جو مقصد اهوئي هو ته جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انه?? کي قانون مطابق حل ڪيو وڃي. صوب?? کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ انه?? کي ضلعن جي لحاظ سان وِرهايو ويندو ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي کي فوڪل پرسن بڻايو ويندو جيڪو پي ڊبليو ڊي ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سمورن معاهد?? کي رينڊم 4 کان 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو. ٺيڪيدارن کان اين او سي ورتي ويندي ته کين اسپانسر ايجنسي جي تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي. ان فيصلي سان اميد آهي ته ترقي??تي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي فائدو پهچندو.