اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ل??ءِ اقتصادي ل??ڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وڌائڻ سميت توانائي، واپار ۽ علائقائي ??ابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن روسي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ٻطرفي واپار ۾ گذريل سال جي بلند ترين سطح کي نوٽ ڪيو. هن پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن ۽ شنگهائي ??عاون تنظيم سميت مستقبل جي اجلاسن ۾ لاجسٽڪ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو وچن ڪيو جيڪو افغانستان، توانائي ??ي سلامتي ۽ خوراڪ جي سلامتي تي تعاون وڌائڻ جي ل??ءِ اهم آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته روسي نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جو دورو اقتصادي تعاون جي وڌند?? گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ۽ پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي واضح گڏيل خواهش کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته روسي فيڊريشن سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيح آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪ روس لاڳاپن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش آهي، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هڪ قدم به قدم موقف لاڳاپن کي مثبت رفتار تي رکيو آهي. هن چيو ته ٻنهي وفدن گهرائي ??ان ڳ??له?? ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ۽ اقتصادي توسيع جي امڪاني شعبن جي نشاندهي ڪئي ??ڏهن ته گڏيل دلچسپي جي مخصوص شعبن جو خاڪو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ واپار، اقتصادي تعاون، ثقافتي ل??ڳاپا ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس زرعي شعبي ۾ تعاون جا ذڪر جوڳا امڪان ڏسن ٿا، ٻنهي ملڪن جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ بئنڪنگ پابندين کي نيويگيٽ ڪرڻ آهي، پاڪستان برڪس ۾ شموليت جو خواهشمند ۽ ان تنظيم ۾ شموليت سان گڏوگڏ ان جهڙين ٻين تنظيمن ۾ شرڪت جي ل??ءِ روس جي مثبت ڪردار جو منتظر آهي. هن چيو ته ايس سي او هڪ اهم فورم فراهم ڪري ٿو جنهن جو مقصد خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس سان گڏجي فلسطين جي صورتحال سميت ڪيترن ئي ??المي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪندو. هن چيو ته پاڪ روس ٻطرفو واپار گذريل سال رڪارڊ هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو، لاجسٽڪ مسئلن کي حل ڪندي واپاري ل??ڳاپن کي سگهه ڏيڻ ٻنهي ڌرين جي ترجيح آهي. هن توانائي ??ي تعاون جي امڪانن تي زور ڏنو جنهن تي تفصيلي ڳ??له?? ٻولهه ۾ وڌيڪ غور ڪ??و ويندو، ٻئي ملڪ پنهنجي سرحدن کان ٻاهر تائين ڦهليل ريلوي ۽ رستن سميت ڪنيڪٽيويٽي جا منصوبا تيار ڪرڻ جا خواهشمند آهن. محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي يونيورسٽين جي وچ ۾ وڌندڙ ثقافتي ۽ تعليمي ل??ڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪ??و، هن جولاءِ ۾ شنگهائي ??عاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ نتيجاخيز ملاقات تي روشني وڌي جنهن ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ مثبت رخ جو تعين ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪ??و ته ايندڙ مهيني شنگهائي ??عاون تنظيم جي ڪائونسل جي اجلاس جي ل??ءِ روسي وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن پاڪستان جو دورو ڪندو. محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته روس جو وفد آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪ روس جي واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت بابت بين الحڪومتي ڪميشن منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ تياريون جاري آهن، جيڪو هن سال جي آخر تائين روس ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته پاڪستا روس کي اولهه، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ هڪ اهم ملڪ جي طور تي ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ افغانستان جي حوالي سان مضبوط پارٽنرشپ رکن ٿا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ چاهين ٿا، پاڪستان مسلمان دنيا سان روس جي تاريخي ل??ڳاپن، او آءِ سي سان وڌندڙ تعاون ۽ فلسطين تڪرار تي ان جي موقف کي تسليم ڪري ٿو. هن سمورن مذهبن جي احترام بابت روسي حڪومت جي موقف تي پاڪستان جي گهري تعريف ڪندي ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته اظهار جي آزادي ۾ اخلاق هجي، قابل احترام شخصيتن جي توهين نه ٿيڻ گهرجي ۽ مسلمان امت جي جذبن کي ٺيس نه پهچڻ گهرجي. هن روس جا ٿورا مڃيا ۽ روسي فيڊريشن سان تعاون کي گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان سان اقتصادي ۽ ثقافتي ل??ڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو ذڪر ڪ??دي ل??ڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌندڙ دلچسپي کي نوٽ ڪيو جنهن جون پاڙون 75 سالن جي سفارتي ل??ڳاپن ۾ آهن. هن چيو ته روس اڄ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان وسيع ڳ??له?? ٻولهه ۾ معيشت جي سمورن شعبن جو احاطو ڪيو ويو، انهن شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي ??هي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي ??ي مدد ڪري سگهن ٿا، ڳ??له?? ٻولهه ۾ توانائي، واپار، رابطي، تعليم ۽ ڪاروبار سان ڪاروبار ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطن سميت وسيع موضوع شامل هئا. روسي نائب وزيراعظم چيو ته رابطن جي علائقائي ??خن کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي آهي، هن شنگهائي ??عاون تنظيم سميت عالمي تنظيمن سان تعاون تي ڳ??له?? ٻولهه جو ذڪر ڪ??دي چيو ته شنگهائي ??عاون تنظيم جو اجلاس هڪ مهيني جي اندر پاڪستان ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته خميس ڏينهن روسي نمائندا ۽ لاڳاپيل (پاڪستاني) عملدار وسيع تر مسئلن ۽ منصوبن تي تفصيلي ڳ??له?? ٻولهه ڪندا. هن چيو ته هلندڙ سال روس برڪس سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، اسان کي خوشي آهي ته پاڪستان ميمبرشپ جي ل??ءِ درخواست ڏني آهي. روسي نائب وزيراعظم چيو ته برڪس ۽ شنگهائي ??عاون تنظيم ٻئي هڪ ٻئي ??ان ڳنڍيل آهن ۽ اسان پاڪستان جي ميمبرشپ جي درخواست جي حمايت ڪريون ٿا.