اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روسي فيڊريشن جي صنعت ۽ ??اپ??ر واري نائب وزير اليڪسي گرزديو ملاقات ڪئي جنهن ۾ روسي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام سميت صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. صنعت ۽ پيدوار واري وزارت مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آه?? ته ملاقات ۾ روسي فيڊريشن جي نائب ??اپ??ري نمائندي ڊينس نيوزوروف جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي سيڪريٽري علي طاهر، ايڊشنل سيڪريٽري، امير محي الدين، ڊپٽي چيف صنعت ۽ پيداوار واري وزارت عبدالصمد، ايگزيڪٽو انجنيئر پاڪستان اسٽيل ملز محمد شعيب شريڪ هئا. ملاقات ۾ روس جي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ڳالهين لاءِ ورڪنگ گروپس جي جوڙجڪ تي به اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ مختص ڪئي وئي آه??، ڄاڻايل ايراضي ڪراچي ۾ واقع آه?? جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شهر ۽ محرڪ آه??. اها زمين پورٽ قاسم جي ويجهو واقع آه??. راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آه??، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. روسي فيڊريشن جي نائب وزير اليڪسي گرزديو چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي مشينري فراهم ڪندو.