اسلام آباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته بيلا ??وس س??ن واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ نين منڊين جي ڳولها ضروري آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا ??وس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا ??وس وچ ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن، بيلا ??وس س??ن تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ – بيلا ??وس جوائنٽ منسٽريل ڪميشن جي ستين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کان پهرين وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان بيلا ??وس جي وفد جي آجيان ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪ – بيلا ??وس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي سهڪار جو اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۽ بيلا ??وس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، هن چيو ته پاڪستان جا بيلا ??وس س??ن مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. گذريل مالي سال ۾ پاڪ – بيلا ??وس واپاري ڳاڻيٽو 34.88 ملين ڊالر هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ – بيلا ??وس گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جو ڇهون اجلاس جلد منعقد ٿيندو. هن سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بيلا ??وس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ا??ڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا ??وس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، زرعي مڪينائيزيشن جي شعبي ۾ بيلا ??وس جي مهارت پاڪستان لاءِ فائديمند هوندي. ڄام ڪمال خان وڌيڪ چيوته صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا ??وس وچ ۾ سهڪار جا وسيعا موقعا موجود آهن?? موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. پاڪ – بيلا ??وس لاڳاپن ۾ عوامي سطح تي رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته بيلا ??وس س??ن تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. بيلا ??وس س??ن گڏيل صنعتي منصوبن ذريعي روزگار جا موقعا پ??دا ڪيا ويندا. وفاقي وزير بيلا ??وس س??ن زرعي مصنوعات جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته بيلا ??وس س??ن ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي صنعتي ترقي ڏانهن ا??ڀرائي ڪئي ويندي. ڄام ڪمال خان چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيلا ??وس س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. بيلا ??وس س??ن سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي بيلا ??وس جي توانائي واري وزير اليڪسي ڪوشنرينڪڪا به جوائنٽ منسٽريل ڪميشن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته هي اجلاس پاڪستان ۽ بيلا ??وس جي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪندو، پاڪسان ۽ بيلا ??وس وچ ۾ ڊگهي وقت کان لاڳاپا قائم آهن ۽ بيلا ??وس پاڪستان کي پنهنجو هڪ اهم واپاري شراڪتدار سمجهي ٿو. هن چيو ته هي اجلاس ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ اسان جا معاهدا پنهنجا هدف حاصل ڪندا. هن چيو ته بيلا ??وس ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان سان گڏ پنهنجي واپاري شراڪتداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان سان گڏيل فائديمند شراڪتداري جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي صلاحيت تي يقين جو اظهار ڪندي چيو ته باقاعده سياسي ڳالهيون اسان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. اليڪسي ڪوشنرينڪڪا چيو ته بيلا ??وس پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪندو، اقتصادي خوشحالي لاءِ علائقائي رابطا تمام ضروري آهن، اسان پاڪستان ۾ نوجوانن جي قيادت هيٺ وڌيڪ منصوبن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين.