نيويارڪ – 24 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79هون ساليانو اجل??س شروع ٿي ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل انتونيو گوتريس دنيا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ته غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمباري هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آهي. انتونيو گوتريس چيو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي لبنان به جنگ جي ويجهو آهي، لبنان کي هڪ ٻيو غزه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته سزا کان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان دنيا جي لاءِ وڌندڙ خطرو آهي. دنيا ۾ سزا کان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ اخلاقي لحاظ کان ناقابل برداشت آهي. گڏيل قومن جي سي??ري??ري جن??ل جو چوڻ هو ته عالمي ??رادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪامياب بڻائي.