اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪي??. ص??ر واقعي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتين سان ت??زيت جو اظهار ڪي??. ص??ر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ??ي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون چيني شهرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن.