اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوجوان پنهنجي محنت، لگن ۽ عزم سان پا????تا?? کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائيندا، مل??ي معيشت جي مضبوطي جي لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، فلسطين جي 200 شاگردن کي پا????تا??ي ادارن ۾ داخلا ڏني وئي. نيشنل يوٿ سمٽ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا????تا?? جو بنياد هڪ خواب تي رکيو ويو، علامه اقبال جي خواب کي قائداعظم تعبير ڏني، ننڍي کنڊ جي نوجوانن آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم جي ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪاميابي حاصل ڪئي. نوجوان قائداعظم جي پيغام کي ننڍي کنڊ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچايو ۽ مسلمانن ۾ پا????تا?? جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته پا????تا?? ۾ باصلاحيت نوجوانن جي ڪا کوٽ نه آهي، جي??ي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نوجوان هر فورم تي پا????تا?? جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، انهن ۾ عالمي منظرنامي کي منفرد انداز ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ ۽ طوفان جي شڪل ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري اسان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پا????تا??ي نوجوان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا????تا?? جا نوجوان صنفي برابري، صحت جي بهتر سهولتن ۽ ملڪ ۽ خطي جي عوام جي مجموعي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن ئي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا رياست ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهي هن ملڪ کي بلندين تي کڻي ويندا. هن چيو ته پا????تا??ي نوجوانن وٽ نه رڳو صلاحيت آهي پر اهي دنيا جي مستقبل کي نئين شڪل ڏئي سگهن ٿا ڇو ته اسان انسانيت جي گڏيل مستقبل طرف وڌي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن ڇوڪريون به قوم جي تعمير جي عمل ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽل فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ پا????تا??ي نوجوانن جي مدد جي لاءِ پوري طرح باخبر ۽ تيار آ??ي. هن چيو ته نيشنل يوٿ ڪائونسل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ فيصلاسازي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ نوجوانن کي ڪردار ڏيڻ جي ضرورت آهي. عط??ءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت مل??ي معيشت جي مضبوطي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ چيو ته غزه تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پا????تا?? 200 فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پا????تا??ي ادارن ۾ داخلا ڏني، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فوج جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشيءَ کي روڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پا????تا?? 1967ع کان اڳ واري فلسطيني رياست جي بحالي چاهي ٿو. هن چيو ته نوجوان پرامن دنيا کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي خاموش رهندڙ حقيقت ۾ اسرائيلي فوج جي جنگي ڏوهن ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته غزه ۽ اولهندي ڪناري جي نوجوانن کي سڄي دنيا جي نوجوانن وانگر هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن.