اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي ??ڌا??ن تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ هر شعبي جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي آءِ ٽي شعبي کي ترجيح بڻائڻ جي ويزن جي نتيجي ۾ گذريل چئن مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اي گورننس جي حوالي سان پا??ست??ن عالمي رينڪنگ ۾ 14 درجا بهتر ٿيو، 2500 نيون آءِ ٽي ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پا??ست??ن جي آءِ ٽي رينڪنگ 79 مان بهتر ٿي 40 ٿي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي حوالي سان 15 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام روانگي واپار سان 1 ارب ڊالر جڏهن ته ڊيجيٽائيزيشن سان 10 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي تجويز ڪيل ليبر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت صنعتن کان طلب جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي صلاحيت وڌائي روزگار جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن خاص طور تي فري لانسرز کي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ سهولت جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن وٽ باصلاحيت افرادي قوت ۽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. وسيلن جي بهتر استعمال ۽ افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي پا??ست??ن جو آءِ ٽي روانگي واپار 25 ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي شعبي جي ??ڌا??ن جي پيش ڪيل حڪمت عملي بهترين آهي، ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پيش ڪيل ??ڌا??ن جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي تعاون ڪن. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي شعبي جي ??ڌا??ن تي عملدرآمد جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پا??ست??ني نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت ۽ هنر ڏيڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ حڪمت عملي تيار ڪري. پا??ست??ني آءِ ٽي ماهرن جي نار ملڪن ۾ طلب موجود آهي، ان حوالي سان پڻ تجويزن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي روانگي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان واضح هدف جوڙڻ ۽ هر قدم جي حوالي سان مدي جي تعين جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي ??ڌا??ن جي لاڳو ۽ مختلف ادارن سان تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم عالمي پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان ان قدم کي بهتر قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان ??ڌا??ن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم مقرر مدي ۾ ان تي عملدرآمد جي هدايت پڻ ڪئي.