اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل محمد عاطف بن اڪرم پمز جو دورو ڪيو، جتي هن شرپسندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل رينجرز، ايف سي ?? پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب هر ??ڪ زخمي آفيسر ۽ جوانن وٽ ويا ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب زخمي آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيو. گهرو وزير زخمي جوانن جي بهترين علاج لاءِ ڊ??ڪٽ??ز کي هدايتون ڏنيون. گهرو وزير چيو ته اوهان قوم جا هيرو آهيو، اوهان شرپسندن جي ارادن کي ناڪام بڻايو، ا??ان کي اوهان جي بهادري تي فخر آهي، ??ڦي?? باوجود اوهان صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو.