اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چي?? آهي ته پاڪستان و?? ايشيائي ملڪن لاءِ واپاري مرڪز بڻجندو، تاجڪستان سان ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. اهڙو اظهار هن اسلام آباد چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ پاڪستان- تاجڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدو نه کنيو ويو، بزنس فورمز ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين. هن ??يو ته تاجڪستان لاءِ پاڪستاني شيون بهترين معيار جون آهن، پاڪستاني صنعت اعليٰ معيار جي انجنيئرنگ سامان، ٽيڪسٽائل ۽ سرجيڪل اوزار تيار ڪري رهي آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار عالمي سطح تي نمايان ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چي?? ته حڪومت آءِ ٽي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن جا ثمر آڏو اچي رهيا آهن. ڄام ڪمال چي?? ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامون واپار کي وڌيڪ آسان بڻائينديون. هن ??يو ته پاڪستاني بندرگاهون تاجڪ آمدني واپار لاءِ بهترين سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي. و?? ايشيائي ملن سان واپاري ميلن ۾ شرڪت کي آسان بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته معيشت جا اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن جي رهنمائي ڪري رهي آهي. هن ??يو ته اڄ جو فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري لاءِ اهم آهي، اهڙيءَ طرح جي بزنس ٽو بزنس فورمز لڳاتار هلڻ گهرجن.