پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته قائدا??ظم جي جنم ڏڻ تي قوم کي واڌايون، سندس قيادت، بصيرت ۽ اصول پسندي عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ملي. قائدا??ظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته قا??د جي قيادت ۾ آزاد ملڪ پاڪستان جي قيام جو خواب حقيقت ۾ بدليو، سندس شخصيت اعليٰ اخلاقي قدرن، قانون جي پاسداري ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار هئي. هن چيو ته قائدا??ظم جا اصول (اتحاد، ايمان ۽ تنظيم) اسان جي قومي ترقي ۽ استحڪام لاءِ مشعل راهه آهي، قا??د جي بي لوث قربانين ۽ اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي ره??ا آهيون. گورنر چيو ته الحمدلله قائدا??ظم جو پاڪستان اڄ واحد اسلامي ايٽمي طا??ت بڻجي چڪو آهي، اسان قائدا??ظم جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن کي ڪتب آڻينداسين. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي قائدا??ظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين