اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي، ان کي ڪو اعتر??ض هوندو ته دُور ڪنداسين. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي، ان ۾ ڪافي ادارن حصو ورتو اهو عمل اڃا به جاري آهي، جيڪي سڌارا ضروري هوندا اهي ڪنداسين، مان ٻه دف??ا سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي آهي، مان سنڌ جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي سپورٽ ڏني. اتحادي پارٽين ۾ شڪايتون هونديون آهن، اسان انهن کي گڏجي حل ڪنداسين، اسان جي ??ڏجي حڪومت ٺاهي آهي، اليڪشن ۾ ٽن پارٽين کي اڪثريت ملي، ??نه?? پارٽين جي مفاد ۾ آهي ته گڏجي هلون، ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.